ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڪتي جي ڏنگ جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي.اسپتال جي عملدارن موجب، هن سال شهر جي مختلف اسپتالن ۾ ڪتن جي ڪٽڻ جا 3,040 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. آفيسرن جو چوڻ آهي ته پهرين جنوري کان وٺي جناح اسپتال ۾ ڪتن جي ڪٽڻ جا 700 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته پهرين جنوري کان سول اسپتال ۾ 1000 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان کان علاوه، اسٽيڊيم روڊ تي هڪ خانگي اسپتال ۾ ڪتن جي ڪٽڻ جا 20 ڪيس رپورٽ ٿيا.










