اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جي نااهلي جي درخواستن کي قبول ڪري ورتو آهي.اليڪشن ڪميشن محفوظ فيصلو ڏيندي قومي اسيمبلي جي ميمبر جمشيد دستي جي تعليمي سند کي جعلي قرار ڏنو.اليڪشن ڪميشن جمشيد دستي خلاف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ريفرنس کي قبول ڪري ورتو آهي ۽ سندس نااهلي لاءِ ٻه درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن.ياد رهي ته مئي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جمشيد دستي خلاف اثاثن ۽ تعليمي سند بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪيو هو.










