جماعت جي اسيمبلي آڏو ڌرڻي جي ڪوشش، چڪريون، گرفتاريون

جماعت جي اسيمبلي آڏو ڌرڻي جي ڪوشش، چڪريون، گرفتاريون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪندڙ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن تي پوليس طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا ويا ۽ لٺبازي ڪئي وئي.پوليس جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي ڇروڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي، جنهن دوران هڪ ڪارڪن زخمي ٿي پيو، شيلنگ ۽ لٺبازي سبب جماعت اسلامي جو سائونڊ سسٽم وارو ٽرڪ پڻ پوليس قبضو ڪري ورتو ۽ 10 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو.ٻئي پاسي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته پي پي جي فسطائيت سڄي ملڪ ۾ ڏسي رهي آهي.هن چيو ته پرامن شهرين تي شيلنگ ۽ ڌرڻن کي روڪڻ بوکلاهٽ جو ثبوت آهي ۽ بااختيار شهري حڪومت ڪراچي جو حق آهي.هوڏانهن، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جماعت اسلاميءَ کي اڳ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي آهي. کين هدايت ڪئي وئي هئي ته هو پرامن احتجاج ڪن ۽ ريڊ زون ۾ داخل نه ٿين، پر هدايت باوجود جماعت اسلاميءَ جي مڇريل ڪارڪنن سنڌ اسيمبلي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿي پوليس تي پٿراءُ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو