ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پوليس جماعت اسلامي ڪراچي جي وقتي امير مسلم پرويز، سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد فاروق سميت ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.جماعت اسلامي 8 فيبروري جي عام چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس ٻاهران عوامي پريس ڪانفرنس جو اعلان ڪيو هو.پوليس طرفان پريس ڪانفرنس لاءِ لڳايل ٽينٽ به پٽي اڇلايو ويو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن جيئن ئي پريس ڪانفرنس جي شروعات ڪئي ته پوليس کين روڪي ڇڏيو.جماعت اسلامي جي ترجمان موجب پريس ڪانفرنس جي دوران اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس اليڪشن ڪميشن آفيس جي ٻاهران سمورا دڪان ۽ هوٽلون به بند ڪرائي ڇڏيون.ترجمان موجب گرفتار ٿيلن ۾ جماعت اسلامي ڪراچي جو وقتي امير مسلم پرويز، سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد فاروق امراءِ اضلاع سفيان دلاور، مدثر حسين انصاري ۽ ٻيا ذميوار شامل آهن.انهي کان اڳ جماعت اسلامي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر محمد فاروق صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته سموري ملڪ ۾ ٿيل ظلم کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ جماعت اسلامي هتي موجود آهي. محمد فاروق چيو ته هي بادشاهه سلامت جو گهر نه آهي پريس ڪانفرنس ٿيندي، پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته احتجاج ڪيو ويندو. محمد فاروق چيو ته 14 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ڌرڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڌرڻو ضرور هنيو ويندو ۽ پريس ڪانفرنس به ڪئي ويندي.










