ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي تحت 5 فيبروري تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ ڪشمير يڪجهتي جو ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ان سلسلي۾ منعقد ٿيندڙ مارچن، ريلين ۽ احتجاجن ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪئي وئي، عالمي ضمير جي بي حسي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ انساني هٿن جي زنجير ٺاهي مظلوم ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته مرڪزي صوبائي ۽ ضلعي اڳواڻن انهن اجتماعن کي خطاب ڪندي زور ڏنو ته عالمي ضمير ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي، ۽ گڏيل قومن کي پنهنجي قراردادن تي عمل درآمد ۽ ڪشميري عوام کي خود اراديت جو حق ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سڄي قوم کي ڀارت جي عزائم کي شڪست ڏيڻ لاءِ جهاد لاءِ تيار رهڻ گهرجي. الله جي نالي تي جهاد پاڪستان جي بقا ۽ ڪشمير جي آزادي جو روڊ ميپ آهي ۽ ان تي اتفاق راءِ اختيار ڪيو وڃي. فوجي قيادت کي بہ ھاڻي آخري گولي ۽ آخري سپاهي تائين وڙهڻ جي بيانن کان ڪجهه اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ڪشمير جي آزادي ۽ ظلم کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ دادو ۾ مقامي آفيس کان پريس ڪلب تائين منعقد ڪيل يڪجهتي ڪشمير ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشميري عوام ڀارت خلاف مسلسل قربانيون ڏئي رهيا آهن ۽ حڪومت کي ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجو معزرت خواھاڻو رويو بند ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو، جنهن مان اهو واضح ٿي ويو ته پاڪستان ڪشمير جي آزادي کانسواءِ اڻپورو آهي. ڪشميري عوام نه رڳو پنهنجي زمين جي آزادي لاءِ پر پاڪستان جي تڪميل لاءِ به وڙهي رهيا آهن. انهن اسرائيل کي آمريڪا جو ناجائز اولاد به قرار ڏنو هو، پر اسان جا حڪمران فلسطين ۽ ڪشمير تي پنهنجي اڳواڻ جي حڪمن جي خلاف پاليسيون ٺاهي رهيا آهن، جيڪو شهيدن جي رت سان غداري جي برابر آهي، جنهن کي قوم ۽ تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي. اهڙي طرح ڪشمير مان ايندڙ سنڌ کي سرسبز ڪندڙ پاڻي کي روڪڻ لاءِ قابض دشمن ملڪ ڀارت هر سال ڊيم ٺاهيندو آهي ۽ سنڌ کي زرعي ۽ معاشي طور تي تباهه ڪرڻ جي سازشن ۾ مصروف آهي. ڀارت سنڌ طاس معاھدي جي به کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آھي. تنهن ڪري ڪشميري عوام پاڪستان لاءِ وڙهي رهيا آهن. سکر ۾ سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم اين اي اسد الله ڀٽو ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير اسان جي ساهه جي رڳ آهي ۽ ڪنهن به حالت ۾ ڪشمير جي مسئلي تي ڪو به ڊيل قبول نه ڪيو ويندو. ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد جائز آهي ۽ جماعت اسلامي هر سطح تي ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندي. بدين ۽ ٺٽي ۾ ڪشمير يڪجهتي ريلي کي خطاب ڪندي صوبائي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف چيو تہ ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. اڄ ان ڀارتي فوجي محاصري کي 3276ھون ڏھاڙو آھي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻن راشد نسيم حيدرآباد، نايب عمرا حافظ نصرالله چنا نوابشاهه، پروفيسر نظام الدين ميمڻ شڪارپور، محمد افضل ٽنڊوالهيار، منيم ظفر ڪراچي، مولانا عبدالقدوس احمداڻي ٽنڊو محمد خان، سهيل شرق ٿرپارڪر، امداد الله بجاراڻي، مولانا عبداللّٰه بجاراڻي، لاڙڪاڻي ۾ مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عبدالقادر بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. گهوٽڪي. #










