ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران جعلي ڊرائيونگ لائسنس تي سعودي عرب ويندڙ هڪ شڪي کي گرفتار ڪيو.ايف آءِ اي ترجمان موجب، ملزم جي پاسپورٽ تي هيوي ٽرڪ ڊرائيور جي نوڪري جو ويزا هو.ايف آءِ اي ترجمان موجب، بنون جو رهواسي جوابدار ڪلفٽن برانچ مان جعلي ڊرائيونگ لائسنس پيش ڪيو، جوابدار ڪڏهن به ڪلفٽن لائسنس برانچ نه ويو.ايف آءِ اي ترجمان چيو ته ايجنٽ جوابدار کي جعلي ڊرائيونگ لائسنس ٺاهيو هو.










