جعلي رسيد ڪيس: خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جعلي ڀرتين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي ضمانت ۾ 16 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا جي موڪل تي اڄ ڊيوٽي جج احمد ارشد پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف جعلي بلن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيلن خالد يوسف، عمير نيازي ۽ عثمان گل سميت عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت بشرا بي بي کي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.ڊيوٽي جج پڇاڻو ڪيو ته ڪيسن جا جاچ آفيسر ڪٿي آهن؟ عدالت نه آئي،ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف داخل ڪيسن ۾ ڪو به پراسيڪيوٽر عدالت ۾ نه آيو،عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جي پيشي بابت رپورٽ به عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي،عدالت بشرا بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت ۾ 16 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو