جج جو توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ چيف کي خط

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني به توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينئر ترين جج محسن اختر ڪياني چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق کي خط لکيو آهي جنهن ۾ پنهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم تي توهين عدالت جي ڪارروائي درخواست ڪئي وئي آهي.ان کان اڳ جسٽس بابر ستار چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي پنهنجي خلاف سوشل ميڊيا مهم تي توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ خط لکيو هو جنهن تي فيصلو ڪيو ويو ته خط کي توهين عدالت ۾ تبديل ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي.ذريعن ٻڌايو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 2 ججن جي خطن تي اڄ بينچ جوڙڻ جو امڪان آهي. جيڪي ٻنهي ججز جي خلاف سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا تي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندا ياد رهي ته جسٽس بابر ستار جي آمريڪي شهريت بابت سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ترديد جاري ڪئي هئي ته جسٽس بابر ستار وٽ پاڪستان کان علاوه ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت نه آهي. سوشل ميڊيا تي جسٽس بابر ستار جي خلاف توهين جوڳي ۽ بي بنياد مهم هلائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو