اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس عرفان سعادت جي حلف برداري جي تقريب سپريم ڪورٽ ۾ ٿي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جسٽس عرفان سعادت کان حلف ورتو.حلف برداري واري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججن، اٽارني جنرلن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.جسٽس عرفان سعادت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هو.جسٽس عرفان سعادت جي مقرري کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 16 ٿي ويو آهي.










