ججز مقررين جي حوالي سان آئين ۾ ترميم جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيو جنهن ۾ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ طرفان درخواست ڪئي وئي ته حڪومت ججز مقرري جي حوالي سان آئين ۾ ترميم تي غور ڪري رهي آهي جنهن سان آئين تحت قائم جوڊيشل ڪميشن جي موجوده ساخت ۾ تبديلي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب ان موقعي تي جسٽس يحييٰ آفريدي تجويز ڏني ته پوءِ موجوده رولز ۾ ترميمن تي بحث کي ملتوي ڪرڻ گهرجي، جنهن کانپوءِ اجلاس اتفاق راءِ سان ملتوي ڪيو ويو.ڪميشن اتفاق راءِ سان موجوده رولز تحت اعليٰ عدليه ۾ مقررين جي عمل کي جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو