جان محمد جي قتل جو مک جوابدار گرفتار ڇو نه ٿيو،عدالت جي ڪاوڙ

جان محمد جي قتل جو مک جوابدار گرفتار ڇو نه ٿيو،عدالت جي ڪاوڙ

سکر (ن س )سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي عدالت مک جوابدار سميت روپوش جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جاچ آفيسر روپوش مک جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ عدالت کان مهلت گهري ورتي پوليس پاران گرفتار ڪيل ٽن سهولتڪارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جي جج عبدالرحمان قاضي ڪيس جي ٻڌڻي هلائي فريادي ڌر قتل ڪيس ۾ وڌيڪ 3 جوابدارن جا نالا شامل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي عدالت سهولتڪاري جي الزام هيٺ گرفتار جوابدارن بخشل مهر، بابر مهر ۽ منور مهر کي 12 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

پهنجو تبصرو موڪليو