پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۽ بيٽ نشان بابت توهين عدالت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي 16 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو،پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس وقار احمد اليڪشن ڪميشن خلاف پي ٽي آءِ جي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي،قاضي انور ايڊووڪيٽ ۽ شاهه فيصل الياس ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.










