ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي صوبي جي اسڪولن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مختلف ضلعن ۾ اسڪولن کي سولرائز ڪرڻ لاءِ ضلعي آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.سنڌ جي تعليم کاتي اسڪولن ۾ سولر سسٽم جي انسٽاليشن لاءِ ضلعي آفيسرن کان تفصيل پڻ طلب ڪيا آهن.تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته سولر سسٽم لڳائڻ لاءِ اسڪولن جي فهرست 3 ڏينهن اندر موڪلي وڃي، ۽ بجلي کان سواءِ اسڪولن کي سولر انرجي تي تبديل ڪيو ويندو.تعليم کاتي ضلعي آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اسڪولن جي سولرائيزيشن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي.تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته اسڪولن جي سولرائيزيشن لاءِ ان حوالي سان توانائي کاتي کي معلومات موڪلي ويندي.










