ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تعليمي ادارن جي چوڌاري منشيات جي فراهمي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، 9 ڪارروائين دوران هڪ افغان شهري سميت 8 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. اسلام آباد جي چونگي نمبر 26 ويجهو شڪي کان 9.6 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي. گرفتار شڪي شاگردن کي منشيات وڪڻڻ جو اعتراف ڪيو آهي.راولپنڊي ۾ ڪوريئر آفيس تي برطانيه کان ايندڙ پارسل مان 150 گرام ڀنگ هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ ڪوريئر آفيس تي برطانيه لاءِ ڪتاب جي پارسل مان 5 ڪلوگرام برف ۽ 5 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪئي وئي ۽ شڪي کي گرفتار ڪيو ويو.ترجمان موجب، ڪراچي ۾ حب ريور روڊ تي هڪ گاڏي مان 10 ڪلوگرام هيروئن هٿ ڪئي وئي ۽ شڪي کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ملتان جي شاهه رُڪن عالم ڪالوني ۾ 2 شڪي ماڻهن کان 4 ڪلوگرام برف ۽ 250 گرام آفيم هٿ ڪيو ويو.اي اين ايف جي ترجمان موجب، ترڪئي ٽول پلازا ويجهو ملزم کان 2.4 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي. گلگت ضلعي جي پادي بنگلا ويجهو ملزم کان 600 گرام چرس هٿ ڪئي وئي.ڪارخانو مارڪيٽ جمرود روڊ پشاور جي ويجهو افغان نيشنل کان 300 گرام برف هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته نوڪنڊي ۾ ٻوٽن ۾ لڪايل 6571 ڪلوگرام چرس هٿ ڪئي وئي.










