ترڪ پرڏيهي وزير اسلام آباد پهچي ويو،ملاقاتون رٿيل

ترڪ پرڏيهي وزير اسلام آباد پهچي ويو،ملاقاتون رٿيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ترڪي جي پرڏيهي وزير خاقان فيدان پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهتو، جتي پرڏيهي آفيس جي ايڊيشنل سيڪريٽري علي اسد گيلاني سندس استقبال ڪيو.دورو ڪندڙ وفد وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪندو ته جيئن ٻطرفي دفاعي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي قدمن تي بحث ڪري سگهجي.ترڪي جي پرڏيهي وزارت موجب، دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ ۽ علائقائي امن لاءِ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ آهي.ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معيشت، واپار ۽ دفاع جي شعبن ۾ ويجها ٻطرفا لاڳاپا آهن. هن اعليٰ سطحي دوري سان سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اميد آهي.ترڪي ميڊيا موجب، ٻنهي ملڪن جا آفيسر اسلام آباد ۾ اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ پيش رفت جو جائزو وٺندا. ٻئي طرف 2026 ۾ ترڪي ۾ متوقع ايندڙ اجلاس جي تيارين جو به جائزو وٺندا.ترڪي مئي ۾ پاڪستان تي ڀارت جي هوائي حملي جي مذمت ڪندڙ پهريون ملڪ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو