اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ترڪي ۽ پاڪستان جو عالمي ۽ علائقائي معاملن تي هڪجهڙو موقف آهي. اسلام آباد ۾ ترڪي جي پرڏيهي وزير هاقان فيدان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري رهيو آهي.هن چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهي آهي، پاڪ-ترڪ دفاعي ڪميٽين جو اجلاس سيپٽمبر ۾ منعقد ٿيندو. ان موقعي تي ترڪي جي پرڏيهي وزير هاقان فيدان چيو ته پاڪستان-ترڪي لاڳاپا هڪ ادارتي ڀائيواري ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، ۽ ٻنهي ملڪن اقتصادي معاملن، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏنو آهي.ترڪي جي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي باهمي واپار کي 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا خواهشمند آهن.










