ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي شھر جي مالي سال 26-2025ع لاءِ 86.94 ارب رپين جي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ سمورن عملدرآمد ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته رترقياتي رٿائن جي ڪمن جي رفتار تيز ڪئي وڃي، مالي وسيلن جي استعمال کي بهتر بڻايو وڃي ۽ ترجيحي اسڪيمن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن؛ سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڄام خان شورو، وڏي وزير جي خاص معاون سيد قاسم نويد، ڪراچي جو مئير بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (پي اينڊ ڊي) نجم احمد شاهه، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، چيئرمين سي ايم آءِ ٽي بلال ميمڻ، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر واٽر بورڊ احمد صديقي ۽ ٻين عملدار شرڪت ڪئي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڪراچيءَ ۾ ھلندڙ 285 ترقياتي اسڪيمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جن جي گڏيل لاڳت 86.94 ارب رپيا آهي. مجموعي پورٽ فوليو جو جائزو وٺندي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪراچيءَ لاءِ 38.83 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جن مان 22.36 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ هلندڙ مالي سال دوران 13.15 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انهن اسڪيمن تي گڏيل خرچ 33.94 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. وڏي وزير چيو ته اسان جو شھر ڪراچي صوبي جي معاشي شهه رڳ آهي ۽ ترقياتي رٿائن ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته جاري ڪيل فنڊن جي استعمال کي بهتر بڻايو وڃي ۽ رڪاوٽن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. وڏي زوير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) 76 اسڪيمن تي ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ 72 سيڪڙو مجموعي استعمال ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) 200 اسڪيمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، جن ۾ 46 سيڪڙو استعمال ٿيو آهي. ميگا ڪراچي نون وڏين اسڪيمن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن ۾ 62 سيڪڙو استعمال رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪجهه نين منظور ٿيل اسڪيمن ۾ سست رفتاريءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته سمورا ضابطي وارا تقاضا ترت مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن ڪم شروع ٿي سگهي. هن چيو ته اسڪيمن جي منظوري ڏني وئي آھي ۽ فنڊ پڻ موجود آهن، هاڻي ڌيان عملي نتيجن تي هئڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملير نديءَ تي مرغي خانه پل ۽ قيوم آباد ڀرسان شاهراهه ڀٽو ڪورنگي ڪاز وي جنڪشن سميت ميگا رٿائن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ هدايت ڪئي ته نظرثاني ڪيل مدي اندر انهن رٿائن جي تڪميل يقيني بڻائي وڃي. شاهراهه ڀٽو ۽ ڪورنگي ڪاز وي پل، قيوم آباد ڪورنگي، 1,890.180 ملين رپين جو منصوبو آهي، جنهن جي مڪمل رقم جاري ڪئي وئي آهي جڏھن تھ رٿا تي 902 ملين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن ۽ 68 سيڪڙو اڳڀرائي ڪئي وئي آھي.مئي 2023ع ۾ ڪريم آباد انڊر پاس کي 3.8 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو آهي ۽ 85 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. منور چورنگي، گلستانِ جوهر (اسڪيم 36) منصوبو 2,026.487 ملين رپين جو آهي، جنهن لاءِ 300 ملين رپيا جاري ڪيا ويا ۽ 75 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. وڏي وزير ڪي ڊي اي جي منصوبن، بشمول ڪريم آباد ۽ منور چورنگي انڊر پاسز، جو جائزو وٺندي معيار برقرار رکڻ ۽ ٽريفڪ رواني ۾ گهٽ ۾ گهٽ خلل وجهڻ جي هدايت ڪئي. هن ڪراچيءَ جي ميئر کي هدايت ڪئي ته اهي رٿائون هڪ مهيني اندر مڪمل ڪري عوام لاءِ کوليون وڃن. هن ٻڌايو ته ڪي ڊي اي ڇهه نيون اسڪيمن شروع ڪيون آهن، جن ۾ اسڪيم 41 سرجاني، اسڪيم 36 گلستانِ جوهر، اسڪيم 33 گلزارِ هجري ۽ اسڪيم 5 ڪلفٽن ۾ روڊن جي تعمير؛ اسڪيم 33 ضلعي اوڀر ۾ مختلف روڊن جي تعمير ۽ بحالي؛ سي پي 03 کان ملير ايڪسپريس وي تائين ملير ريور روڊ ذريعي روڊ جي تعمير؛ آءِ بي سومرو روڊ معمار ۾ نالي ۽ روڊ جي تعمير ۽ بحالي؛ ۽ گجر نالو فلاءِ اوور، سر شاهه سليمان روڊ ڪراسنگ، ضلعي سينٽرل ڪراچيءَ ۾ شامل آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته انهن رٿائن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچيءَ جي 24 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز ۾ روڊن جي بحالي لاءِ 13 ارب رپين جي گرانٽ اِن ايڊ ۽ شھر جي 26 وڏين شاهراهن جي بحالي لاءِ 8.53 ارب رپين جي منظوري جو جائزو ورتو. هن چيو ته مڪاني ادارن وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه جي سربراهي ۾ نگراني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا هر مهيني اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندي. هن خبردار ڪيو ته ناقص رٿابندي يا غير معياري ڪم برداشت نه ڪيو ويندو. ڪي ايم سي جي ترقياتي پروگرام 2025-26ع تحت شھر جي اولڊ ايريا جي ترقيءَ لاءِ 744.5 ملين رپين سان ۽ ڪاروباري علائقن جي بهتري 1.05 ارب رپين سان جاري ڪيا ويا آھن. تاريخي بازارن جي بحاليءَ لاءِ 501.5 ملين رپين جي لاڳت سان ترقياتي ڪم ھلندڙ آھن، جنهن ۾ 35 سيڪڙو اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. عظيم پورا چوڪ تي فلاءِ اوور، ملير ندي پل کان شمع شاپنگ سينٽر شاهه فيصل ٽائون تائين روڊ جي توسيع ۽ بحالي 1.56 ارب رپين سان جاري آهي. گلشنِ حديد موڙ کان الله والي چورنگي ۽ حب ريور روڊ کان ٽوري بنگش اتحاد ٽائون تائين رٿائون پڻ ھلندڙ آھن.شهري اچ وڃ ۽ ماحولياتي رٿائن تي 4 ارب رپين سان ٽريفڪ ڪوريڊورز جي بحالي شامل آهي، جنهن جو ٽينڊرنگ عمل ھلندڙ آهي، ڪڊني هل پارڪ ۾ برڊ ايوري ۽ گٽر باغيچي ۾ پارڪ جي تعمير پڻ شامل آهي، قبرستانن جي ترقي جو رٿائن جي پي سي ون مرحلي ۾ غور هيٺ آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته سڀ منظور ٿيل اسڪيمن کي زميني سطح تي نمايان اڳڀرائي ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ شهري تجديد، روڊن جي بحالي ۽ عوامي جڳهن جي ترقي گڏيل انداز ۾ اڳتي وڌائي وڃي. وڏي وزير صوبائي ادارن، ضلعي انتظاميه ۽ يوٽيلٽي سروسز وچ ۾ بهتر رابطا قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن دير کان بچي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچيءَ جي بنيادي ڍانچي جي بهتري لاءِ پرعزم آهي. اسان جو مقصد بهتر روڊ، هموار ٽريفڪ ۽ شهرين جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آڻڻ آهي. هر کاتي کي پنهنجي ذميواري پڻ نڀائڻ گھرجي. هن مڪاني ادارن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ هر وڏي رٿا بابت واضح ٽائيم لائين ۽ جوابدهي سان تازي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.










