تاحيات نااهلي جو نوٽيس،معاملو 5 رڪني ججز ڪميٽي حوالي

تاحيات نااهلي جو نوٽيس،معاملو 5 رڪني ججز ڪميٽي حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن نااهل سياسي اڳواڻ جي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران 5 رڪني بينچ جوڙيندي تاحيات نااهلي جو ڪيس ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ مير بادشاه قيصراني جي نااهلي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ تاحيات نااهلي ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمن تي به غور ڪيو ويو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته مير بادشاه قيصراني کي نااهل ڇو ڪيو ويو؟،درخواستگذار جي وڪيل ثاقب جيلاني جواب ڏنو ته مير بادشاه قيصراني کي 2007 ۾ جعلي ڊگري جي بنياد تي نااهل ڪيو ويو هو پر هاءِ ڪورٽ کيس 2018 جي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني هئي.عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪيس جي ٻڌڻي جنوري 2028ع ۾ عام چونڊن کان اڳ ٿيندي، ان ڪيس کي چونڊن ۾ دير جو سبب نه بڻايو ويندو.جسٽس اطهر من الله چيو ته هاڻوڪو ڪيس 2018ع جي چونڊن سان لاڳاپيل آهي، هاڻ نيون چونڊون منظرعام تي اچي رهيون آهن ته پوءِ اهو لائيو معاملو ڪيئن آهي؟ اهو ڪيس موجوده چونڊن تي اثر انداز ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو