ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان بنگلاديشي قومي ايئر لائن کي سڌي طرح پروازون هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي بنگلاديشي قومي ايئر لائن کي ڍاڪا کان ڪراچي تائين سڌي طرح پروازون هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت جي منظوري کان پوءِ، ڊي جي سول ايوي ايشن اٿارٽي بنگلاديشي ايئر لائنز کي سڌي طرح پروازون هلائڻ جي منظوري ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي، بنگلاديشي قومي ايئر لائن کي 30 مارچ 2026 تائين پروازون هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، بنگلاديشي ايئر لائن کي منظور ٿيل روٽ تي پاڪستاني هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.سي اي اي ذريعن موجب، بنگلاديشي قومي ايئر لائن کي پاڪستان جي هوائي حدن اندر شيڊول روٽس تي اڏامڻو پوندو، ۽ ڍاڪا کان ڪراچي روانگي کان اڳ مڪمل پرواز جي معلومات ڪراچي ايئرپورٽ انتظاميه کي ڏيڻي پوندي.سول ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پروازون هن مهيني شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.










