بنون (ويب ڊيسڪ)بنون ۾ پوليس فتح خيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.پوليس موجب دهشتگردن فتح خيل چيڪ پوسٽ تي ڳري هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن کان پوءِ پوليس ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو. آر پي او بنون سجاد خان موجب، پوليس جي بروقت جوابي ڪارروائي سبب 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.سجاد خان تصديق ڪئي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي تبادلي ۾ هڪ ڪانسٽيبل شهيد ٿيو.هن چيو ته دهشتگردن رات دير سان چيڪ پوسٽ تي ننڍن ۽ ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو، ۽ علائقي ۾ پوليس سرچ آپريشن جاري آهي.










