بلوچستان  ۾ مارخور جي غير قانوني شڪار تي ڪيس داخل، 2 گرفتار

بلوچستان ۾ مارخور جي غير قانوني شڪار تي ڪيس داخل، 2 گرفتار

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي ڪوئيٽا جي ڀرپاسي ۾ ڪارروائي ڪندي ناياب جهنگلي جانور، سليماني مارخور جي غير قانوني شڪار ۾ ملوث چئن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو.بلوچستان جي ٻيلي ۽ جهنگلي جيوت کاتي جي عملدارن موجب، ڪوئيٽا جي ڀرپاسي ۾ واقع ٽڪٽو نيشنل پارڪ ۾ ڪجهه ماڻهن جي ناياب جهنگلي جانور، سليماني مارخور جي غير قانوني شڪار ۾ ملوث هجڻ جون رپورٽون مليون هيون.اهي ماڻهو اتي مارخور کي ڦاسائيندا هئا ۽ غير قانوني طور تي انهن جو شڪار ڪندا هئا.اطلاع تي ڪارروائي ڪندي، ان ۾ ملوث چئن ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.آفيسرن موجب، شڪي ماڻهن کي کاتي جي عملدارن کي ڌمڪيون ڏيڻ ۾ به ملوث ڏٺو ويو آهي. شڪي ماڻهو سرڪاري ملازم آهن، جن ۾ روزي خان، ڪليم الله، سيف الله ۽ گوهر خان شامل آهن.آفيسرن موجب، ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي ٻن جي ڳولا جاري آهي.ٻئي طرف، شڪي ماڻهن خلاف به کاتي جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته سليماني مارخور قومي ورثو قرار ڏنل ناياب جانورن مان هڪ آهي. سليماني مارخور ٽاڪٽو نيشنل پارٽي ۽ ويجهن جبلن ۾ ملي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو