بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.بلوچستان جي گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب، موٽرسائيڪلن جي ٻيلهه سواري ۽ هٿيارن جي نمائش تي 15 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 5 يا وڌيڪ ماڻهن جي گڏجاڻين، ڌرڻن ۽ ريلين تي به پابندي لڳائي وئي آهي، ان کان علاوه، مردن جي نقاب پائڻ ۽ منهن ڍڪڻ تي به پابندي هوندي.گهرو کاتي جي مطابق، گاڏين تي رنگين درين لڳائڻ تي اڳ ۾ ئي پابندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو