بلاول ڀٽو زرداري سان ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ملاقات

بلاول ڀٽو زرداري سان ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ملاقات

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان قومي اسيمبلي جي ميمبر مخدوم جميل الزمان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حيدرآباد ڊويزن جي مجموعي سياسي ۽ سماجي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران حيدرآباد ڊويزن ۾ عوامي ڀلائي، عوام کي درپيش مسئلن ۽ علائقائي معاملن بابت مختلف پهلوئن تي گفتگو ڪئي وئي. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي حيدرآباد ڊويزن جي عوامي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ جاري قدمن کان آگاهه ڪيو. مخدوم جميل الزمان چيو ته عوامي مسئلن جي وقتائتي حل ۽ عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ مقامي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن ۽ عوامي رابطن ذريعي مسئلن جي حل کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت ۽ ڀلائي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکي ٿي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم جاري رکندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو