ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جمامت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پيپلز پارٽي کي هڪ دفعو ٻيهر تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جو مشن ڪراچي کي موئن جو دڙو بنائڻ جو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ جي چئني صوبن ۾ گورننس جو بحران آهي. ڪراچي جي پنجاب سان ڀيٽ نه ڪئي وڃي. پنجاب ۾ جيترا فنڊز مليا آهن. انهي حساب سان ڪارڪردگي ڏٺي وڃي. سنڌ جي ته تمام گهڻي حالت خراب آهي پر پنجاب ۾ به کير جون نديون نه پيون وهن.هن چيو ته سنڌ جي صورتحال کي ڏسون ٿا ته دل رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو آهي اهي ماڻهو غلط بياني سان ڪم وٺندا آهن. پيپلز پارٽي چوي ٿي ته ڪي فور منصوبو وفاق جي ذميواري آهي اهي ماڻهو جڏهن وفاق ۾ هئا انهي وقت انهن ڇا ڪيو هو. هن وقت به اهي وفاق جو حصو آهن. هر مشڪل وقت ۾ وفاق سان گڏ آهيون. ڪي فور لاءِ پاڻي کي گهرن تائين پهچائڻ جو ڪم به ته سنڌ حڪومت جو هو پر سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جو ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جا 3 هزار 400 ارب روپيه کائي وئي آهي. نعمت الله خان پنهنجي دور جي آخر ۾ ڪي فور تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو. 21 سال ٿي ويا اڃان تائين منصوبه مڪمل نه ٿي سگهيا هئا.جماعت اسلامي جي امير چيو ته 15 هزار بسن جي ضرورت آهي. اوهان ڪڏهن 10، ڪڏهن 20 ۽ ڪڏهن 1970 جون ڊبل ڊيڪر بسون آڻي رهيا آهيون. بلاول جو وزن ڪراچي کي موئن جو دڙو بنائڻ جو آهي. بلاول جي وزن جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ جو وڏو وزير حساب ڏئي. جنهن ڪراچي ۾ ميئر شپ تي قبضو ڪيو ۽ جنهن جعلي حڪومت ڏني اهي ئي ڇڏائين. وسيع قومي مفاد جي نالي تي سسٽم مڙهيندڙ جواب ڏين.حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته مصنوعي جهيڙو شروع ڪري ڇڏيندا آهن. ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي کي به فارم 47 جي ذريعي مڙهيو ويو. پيپلز پارٽي ڪراچي جي دشمن پارٽي آهي. انهن کي ڪير به ووٽ نٿو ڏئي. آئين ۾ ترميم ڪرڻ هجي ته پيپلز پارٽي حڪومت جو ساٿ ڏيندي آهي. جڏهن عوام جي ڳالهه ايندي ته بليم گيم ڪرڻ شروع ٿي ويندي آهي. ڪراچي مني پاڪستان آهي ۽ پيپلز پارٽي ڪراچي سان دشمني ڪري رهي آهي.










