بسپ وفاق جو آهي، ٻوڏ متاثرين جي مدد صوبائي سطح تي ڪبي

بسپ وفاق جو آهي، ٻوڏ متاثرين جي مدد صوبائي سطح تي ڪبي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وفاقي نوعيت جو آهي، ٻوڏ متاثرين جي مدد صوبائي سطح تي ڪئي ويندي. ڳالهائيندي هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري.رانا ثناءُ الله چوي ٿو ته بينظير انڪم سپورٽ کي بينظير روزگار اسڪيم ۾ تبديل ڪيو وڃي، ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اهڙي اسڪيم تي غور ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته جتي ٻوڏ آئي اتي هڪ آزاد سروي ڪيو ويو آهي ۽ ڊيٽا جي مطابق ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته اسان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻن سان ڳالهائي سگهون ٿا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هلي رهيو آهي ۽ هڪ سٺو پروگرام آهي، اسان چاهيون ٿا ته هن پروگرام کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو وڃي.وزيراعظم جي صلاحڪار چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هي پروگرام ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري، وفاقي سطح تي هڪ تجويز آهي ته صوبن کي به هن پروگرام جي منظوري ڏيڻ گهرجي، هي هڪ سنجيده مسئلو آهي، پيپلز پارٽي پنهنجو نقطه نظر رکي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو