بدين ۾  هاري جو قتل، زميندار خلاف لاش رکي احتجاجي مظاهرو

بدين ۾ هاري جو قتل، زميندار خلاف لاش رکي احتجاجي مظاهرو

بدين (رپورٽ: مرتضيٰ ميمڻ)گذريل رات پيرو لاشاري ڀرسان ڳوٺ داھو ڪولهي ۾ زميندار سرفراز نظاماڻي ۽ اعجاز نظاماڻي جي هاري ڪيلش ڪولهي وچ ۾ بينڊي گڏ ڪرڻ لاءِ جھوپڙي ٺاهڻ کان منع ڪرڻ واري معاملي تي تلخ ڪلامي ٿي. ان دوران زميندار سرفراز نظاماڻي غصي ۾ اچي غريب هاري ڪيلش ڪولهي تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري فرار ٿي ويو مقتول جي وارثن تلھار ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ بعد لاش کي تعلقي اسپتال تلھار منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پر تلھار پوليس پاران بااثر زميندار کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي سومر جي صبح مقتول جو لاش پيرو لاشاري اسٽاپ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي دوران بدين–حيدرآباد روڊ کي هر طرفان جهڙيون رکي ۽ موٽر سائيڪلون بيهاري بند ڪيو ويو، جيڪو خبر لکندڙ وقت تائين بند رهيو ۽ سوين گاڏين جون قطارون لڳل هيون درڻي ۾ ڳوٺ جا مرد، عورتون ۽ ٻار سميت ڪولهي برادري جا سوين ماڻهو شريڪ آهن. مقتول جي وارثن اعلان ڪيو آهي ته جيستائين قاتل زميندار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار نه ڪيو ويندو، تيستائين ڌرڻو جاري رهندو. ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن قاتل جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي پڻ ڪئي مقتول ڪيلش ڪولهي جي والد چيتن ڪولهي ۽ زميندار اعجاز نظاماڻي صحافين کي ٻڌايو ته زميندار سرفراز نظاماڻي نشي جي حالت ۾ جھوپڙي ٺاهيندڙ غريب هاري ڪيلش ڪولهي تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو. فائرنگ جو آواز ٻڌي جڏهن هو واقعي واري هنڌ پهتا ته ملزم هنن تي به پستول تان ڪري ڌمڪيون ڏنيون ۽ اتان فرار ٿي ويو. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته لاش کي تلھار ٿاڻي ۽ اسپتال منتقل ڪري ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، پر پوليس بااثر ملزم کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين قمر رضا جسڪاڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيلش ڪولهي جي قاتل، بااثر ملزم سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو