اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اويـس احمد لغاري چيو آهي ته ملڪ ۾ سستي بجلي جي فراهمي لاءِ هاڻي مقابلي واري مارڪيٽ قائم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، جنهن سان بجلي جي شعبي کي جديد، شفاف ۽ پائيدار بڻايو ويندو. اسلام آباد ۾ ٽي بي ايم ايم ورڪشاپ سان ورچوئل خطاب دوران توانائي وزير چيو ته اسان بجلي جي پيداوار، واپار ۽ ترسيل کي نئين دور ۾ داخل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، ته جيئن هر شهري کي سستي، قابل اعتماد ۽ ماحول دوست توانائي ملي سگهي.اويـس لغاري وضاحت ڪئي ته سي ٽي بي سي ايم هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو عالمي تجربن جي روشني ۾ تيار ڪيو ويو آهي، هي نظام بجلي شعبي ۾ شفافيت ۽ مقابلي جي واڌ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو آهي، هي ڪو تجربو نه پر سالن کان تيار ٿيندڙ اصلاحي منصوبي جو حصو آهي، جنهن کي هاڻي عملدرآمد ۾ آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو آڪشن فريم ورڪ سي ٽي بي سي ايم جي عملداري جو بنيادي حصو آهي، جنهن تحت 800 ميگاواٽ ويهلنگ ڊيمانڊ مسابقتي ((Wheeling Demand Competitive عمل ذريعي الاٽ ڪئي ويندي، خاص طور تي وڏا صنعتي صارف هن ويهلنگ نظام مان فائدو حاصل ڪري سگهندا، جتي هو سڌو سپلائر کان مسابقتي اگهن تي بجلي خريد ڪري سگهندا. توانائي وزير جو چوڻ هو ته سي ٽي بي سي ايم ۽ ويهلنگ آڪشن سان صنعتن جا خرچ گهٽ ٿيندا، قابلِ تجديد توانائي جا ذريعا نظام ۾ شامل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، ۽ برآمدي شعبي کي سستي ۽ ماحول دوست بجلي ملي سگهندي. هن چيو ته هي اصلاحي فريم ورڪ مٿان کان مسلط نه ڪيو پيو وڃي پر شراڪتي بنيادن تي تيار ڪيو ويو آهي، ڇو ته جيڪڏهن اصلاحي قدم نه کنيا ويا ته نااهليون برقرار رهنديون ۽ صارفين تي بار وڌندو رهندو.










