اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ بيوروڪريسي پرتگال ۾ ملڪيتون حاصل ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي پرتگالي شهريت حاصل ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اهي مشهور بيوروڪريٽ آهن. مگرمڇ اربين رپيا کائي آرامده رٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيا آهن.هن چيو ته بزدار جي ويجهو هڪ بيوروڪريٽ کي سندس ڌيئرن جي شادي لاءِ صرف 4 ارب رپيا مليا آهن.خواجه آصف چيو ته سياستدانن وٽ نه ته پلاٽ آهن ۽ نه ئي پرڏيهي شهريت ڇاڪاڻ ته انهن کي چونڊون وڙهڻيون آهن. هي بيوروڪريسي پاڪستان جي زمين کي ناپاڪ ڪري رهي آهي.










