اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته پارٽي پاران قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن جي ليڊر طور ٻيهر محمود خان اڇڪزئي کي نامزد ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته خميس تائين اچڪزئي جو اپوزيشن اڳواڻ طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو.پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان اڱاري تي وفد سميت ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بئريسٽر گوهر، اسد قيصر ۽ عامر ڊوگر شريڪ هئا. ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته خميس جي ڏينهن تائين محمود اچڪزئي جي اپوزيشن اڳواڻ طورمقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو. ياد رهي ته قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو 5 مهينن کان خالي پيو آهي. اڳ ۾ عمر ايوب ان عهدي تي هو پر آگسٽ 2025 ۾ سندس نا اهلي بعد هي عهدو خالي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو ته اسپيڪر سان ملاقات سٺي ماحول ۾ ٿي. اسپيڪر سان اپوزيشن اڳواڻ جي نامزدگي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. سڀ اعتراض ختم ڪيا ويا آهن، هاڻي ڪاغذن تي ڪو به اعتراض ناهي. سڀاڻي تائين دستاويزن تي ميمبرن جي صحيحن جي تصديق ٿي ويندي۔ بئريسٽر گوهر چيو ته اميد آهي خميس تي اپوزيشن اڳواڻ جو اعلان ٿي ويندو. جمعي تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسان جو پنهنجو اپوزيشن اڳواڻ هوندو. محمود اچڪزئي جي مقابلي ۾ ڪنهن به ڪاغذ جمع نه ڪرايا آهن. اسپيڪر آفيس ۾ ڳالهين بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ ۾ به اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويندو۔










