ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪجهه وڪيلن خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ قانوني برادري اڄ شهر جي عدالتن ۾ هڙتال ۽ عدالتي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي بار جي صدر امير نواز وڙائچ جو چوڻ آهي ته اڄ ڪنهن به پوليس آفيسر کي شهر جي عدالت ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر امير نواز وڙائچ جو چوڻ آهي ته رجب بٽ ڪيس ۾ وڪيلن خلاف به ايف آءِ آر درج ٿيڻ گهرجي.ياد رهي ته سومر ڏينهن يوٽيوبر رجب بٽ تي سٽي ڪورٽ ۾ حملو ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ اڱاري جي صبح سٽي ڪورٽ پوليس اسٽيشن ۾ وڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ڪيس داخل ٿيڻ خلاف وڪيلن جو وڏو انگ رسالا ٿاڻي ۾ داخل ٿيو ۽ اتي موجود ايس ايڇ او سٽي ڪورٽ جهانگير سان بدتميزي ڪئي، جڏهن ته ان تي به تشدد ڪيو ويو.ان کان پوءِ وڪيلن سٽي ڪورٽ جي سامهون ايم اي جناح روڊ تي احتجاج شروع ڪيو، جنهن سان ٽريفڪ جي وهڪري سخت متاثر ٿي. لائيٽ هائوس کان ٽريفڪ لاءِ متبادل رستا فراهم ڪيا ويا.ان موقعي تي جيو نيوز سان ڳالهائيندي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ چيو ته اسان رجب بٽ ڪيس ۾ وڪيلن جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکنداسين.هن چيو ته اسان عدالتي نظام جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪريون ٿا. پوليس ۽ وڪيل گڏ آهن. ڪنهن تي به تشدد نه ڪيو ويو. بعد ۾، منجهند جو شروع ٿيل احتجاج رات جو ختم ٿيو، جنهن کان پوءِ ايم اي جناح روڊ تي معمول جي ٽريفڪ جي وهڪري بحال ڪئي وئي.










