اسلام آباد (بيورو رپورٽ)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جنرل ۽ عورتن جي سيٽن تي چونڊ وڙهي رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته اپوزيشن ڪي پي مان سينيٽ جون پنج سيٽون کٽي. اسلام آباد ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن اپوزيشن وٽ هڪ به ميمبر وڌيڪ آهي ته اهي عدم اعتماد جي تحريڪ آڻي سگهن ٿا. ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي، اسان هي سلسلو نه ٽوڙيندا آهيون، اتحاد سياست ۾ ٺهندا ۽ ٽٽندا آهن.ڪي پي جي گورنر چيو ته هن مولانا فضل الرحمان سان ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي تي به ڳالهه ڪئي.










