اپوزيشن پاران جاچ سيل رد، واسطيدارن جي استعيفا جو مطالبو

اسلام آباد(بيورورپورٽ) مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراھھ مولانا فضل الرححمان چيو آھي تھ جيڪي وڌيڪ چور چور جو شور ڪري رھيا ھئا، اڄ پينڊورا پيپرز ۾ سڀ کان وڌيڪ چور انھن جا آھن. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو تھ پاناما کانپوءِ ھاڻ پينڊورا ليڪس کلي ويو آھي، بيورو ڪريٽس ۽ عمران خان ڪابينا بھ انھي ليڪس ۾ شامل آھي، جيڪو وڌيڪ چور چور ڪري رھيا ھئا، اڄ پينڊورا ۾ سڀ کان وڌيڪ چور انھن جا آھن.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو تھ ڌانڌلي سبب آيل حڪومت ايندڙ چوندن ۾ سڌارن جي ڳالھھ ڪري رھي آھي، چورن جي ھٿن مان چونڊ سڌارا قبول نھ ڪنداسين. عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سربراھھ اسفند يار ولي چيو آھي تھ ڪرپشن ۾ ملوث حڪومت پينڊورا پيپرز جي تحقيق جو اعلان معنيٰ خيز آھي، ووٽ چوري ڪري مڙھيل سليڪٽيڊ وزيراعظم جو احتساب بھ سليڪٽيڊ آھي.اسفند يار ولي جو چوڻ ھو تھ ٻين تي ڪرپشن جا الزام لڳائڻ وارا پينڊورا پيپرز  ۾ نالي اچڻ تي خاموش آھن، حڪومت جوتحقيق جو اعلان ڪرڻ پنھنجي ساٿين کي بچائڻ جي ڪوشش کانسواءِ ڪجھھ بھ ناھي.مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آھي تھ عمران خان قوم کي فيڪ منصوبن جو چُورن وڪيو، ھاڻ ھن جي سياست ۽ حڪومت نواز شريف جي ڏوھٽي جي خلاف فيڪ نيوز تي ھلي رھي آھي.  مريم اورنگزيب جو چوڻ ھو تھ اھو معاشرو ڪڏھن بھ ڪامياب ناھي ٿيندو جتي آئين ۽ قانون جي بالادستي نھ ھجي، عمران صاحب اڄ جي تقرير ۾ پينڊورا پيپرز ۾ سامھون اچڻ واري عمران خان پنھنجي سڀني اي ٽي ايمز کان استعيفيٰ وٺي تھ جيئن وزيرن جي استعيفيٰ قوم کي ڏين ھا، جيئنسندن خلاف قانون ڪارروائي ٿي سگھي. پينڊورا پيپرز ۾ وزيراعظم جي ويجھن ماڻھن جا نالا اچڻ تعجب جي ڳالھھ ناھي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ آھي تھ پينڊورا پيپرز ۾ وزيراعظم جي ويجھن ماڻھن جا نالا اچڻ اسان جي لاءِ ڪا تعجب جي ڳالھھ ناھي، اسان ڄاڻون ٿا تھ ڪرپشن فري پاڪستان جا نعرا کوکلا آھن. شيري رحمان چيو تھ احتساب مخالف ڌر کي نشانو ٺاھڻ جو ھڪ طريقو آھي، ڇا وزيراعظم پنھنجي ماڻھن جي خلاف سپريم ڪورٽ ويندو يا صرف رپورٽ طلب ڪئي ويندي؟

پهنجو تبصرو موڪليو