اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل بلوچ شاگردن جي بازيابي بابت ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.وفاقي حڪومت طرفان اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته گم ٿيل بلوچ شاگردن جي وڪيل ايمان مزاري ۽ هادي علي چٽا عدالت ۾ پيش ٿيا.جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته هن عدالت هڪ ڪميٽي ٺاهي جنهن جا ڪي ٽي او آرز هئا، گذريل 10 سالن ۾ بلوچ شاگردن تي دهشتگردي جا ڪيترا ڪيس داخل ٿيا؟ 10 سالن ۾ ڪيترا ماڻهو گرفتار ٿيا، اٽارني جنرل چيو ته انٽيليجنس ادارا ڪنهن کي هراسان نٿا ڪري سگهن، معاملي ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي.جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ٺيڪ آهي، ڳجهي اداري کي هاڻي پوليس اسٽيشن تي گهرايو ويندو.










