ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) 5 مختلف ڪاررواين دوران 21 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي آهي ۽ 6 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، ڪارروايون لاهور، ڪراچي، اسلام آباد ۽ ملتان ۾ ڪيون ويون.آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪاررواين دوران 20 ڪلوگرام 200 گرام چرس ۽ 850 گرام برف هٿ ڪئي وئي.جوابدارن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










