ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ڪراچي پوليس چيف مقرر

ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي آزاد خان ڪراچي پوليس چيف مقرر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)چيف سيڪريٽري سنڌ پاران ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سنڌ آزاد خان کي ڪراچي پوليس چيف مقرر ڪيو ويو آهي،نوٽيفڪيشن موجب گريڊ 21 جي آفيسر آزاد خان کي ڪراچي پوليس چيف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ذوالفقار لاڙڪ کي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب شرجيل کرل کي ايڊيشنل آءِ جي آپريشنز سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اقبال دارا کي ايڊيشنل آءِ جي پوليس ٽريننگ سنڌ جو اضافي چارج ڏنو ويو آهي، پرويز چانڊيو کي ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي، فيصل عبدالله چاچڙ کي ڊي آءِ جي ميرپور خاص مقرر ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب کي ڊي آءِ جي سکر جو اضافي چارج ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو