ايندڙ حڪومت ٽو ٿرڊ اڪثريت سان ٺاهينداسين، وفاقي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٻن وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مراد سعيد گڏيل پريس ڪانفرسن ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جا ذميوار پيپلز پارٽي ۽ نوازليگ جون اڳوڻيون حڪومتون آھن. فواد چوڌري چيو ته اڳوڻين حڪومتن جي قرضن سبب ملڪ ۾ پيٽرول ۽ عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون، شريف ۽ زرداري ڪٽنب ملڪي پئسو لٽي پرڏيهه اُماڻيو، هُنن ملڪي قرض کي 27 کربن تائين پهچائي ڇڏيو. ھن چيو تھ پاپڙ کپائيندڙ ۽ پٽيوالي جي اڪائونٽس مان شهباز شريف جي خانداني اڪائونٽس ۾ 25  ارب رُپيا منتقل ٿيا، موجوده حڪومت جو مقابلو مافيا سان آهي، پي ٽي آءِ سرڪار پاڪستاني جي عوام جي تقدير تبديل ڪري رھي آھي، ڪرپٽ ماڻھو اسان مٿان الزام ھڻي رھيا آھن. مراد سعيد چيو ته نواز ليگ جي دور ۾ موٽرويز جا منصوبا ڪرپشن جي نذر ٿي ويا، گذريل 10 سال پاڪستان لاءِ ڪارو دور آهن، نواز شريف پنهنجي حڪومت ۾ مواصلات جو کاتو به پاڻ وٽ رکيو، سندس کاتي ۾ رڪارڊ ڪرپشن ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو