سيڪيورٽي واپس وٺڻ جون خبرون بي بنياد قرار

سيڪيورٽي واپس وٺڻ جون خبرون بي بنياد قرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻن کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ وارين خبرن کي بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان اهڙو ڪوبه فيصلو نه ڪيو ويو آهي.سنڌ جي گهرو وزير چيو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي سيڪيورٽي ختم ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ بابت نه ڪا هدايت جاري ڪئي وئي آهي نه ئي انهي حوالي سان ڪا تجويز غور هيٺ آهي.هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا سينئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ خالد مقبول صديقي هن وقت اسلام آباد ۾ موجود آهن انهن جي سيڪيورٽي معمول موجب برقرار آهي. هن انهي تاثر کي رد ڪيو ته ڪنهن خاص سياسي پارٽي يا شخصيت کي نشانو بنايو پيو وڃي.ضياءُالحسن لنجار چيو ته سيڪيورٽي هڪ حساس معاملو آهي جنهن کي سياسي بيانن يا افواهن جي حوالي نه ڪرڻ گهرجي. هن ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا صارفين تي زور ڏنو ته غير لاڳاپيل ۽ هٿ ٺوڪين خبرن کان پاسو ڪري ذميوارانه رپورٽنگ کي يقيني بنايو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ سمورين سياسي ۽ عوامي شخصيتن جي سيڪيورٽي جو جائزو سيڪيورٽي ادارا پيشوارانه بنيادن تي وٺندا آهن ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ نٿو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو