اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي منظور پشتين کان جيل ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن منظور پشتين خلاف ڪيس جي تفصيل ۽ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت ايف آءِ اي کي منظور پشتين کان جيل ۾ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته قانون اهو آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو اڳ ئي گرفتار هجي ته رڳو ڪيس کي اڳتي وڌايو وڃي، ائين نه ٿئي ته هڪ ڪيس ۾ جوابدار فرار ٿي وڃي ۽ پوءِ کيس گرفتار ڪيو وڃي.جسٽس ميان گل حسن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ گرفتار هڪ شخص کي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو. جيڪڏهن عدالت جي ان فيصلي کي چئلينج نه ڪيو ويو ته پوءِ اهو حتمي ٿي وڃي ٿو، پوليس اهڙا قدم نه کڻي ته حڪومت تبديل ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن انڪوائري ٿي ته سندن ڪيريئر تباهه ٿي ويندو، ايف آءِ اي جاچ ڪري جيل ۾، ٻي صورت ۾ اهي ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندا.










