حيدرآباد: (ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي لاڙ ڊويزن جي ضلع عهديدارن ۽ سوشل ميڊيا ٽيم جي اڳواڻن جو هڪ اهم اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي عهديدارن ۽ سوشل ميڊيا ٽيم جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس دوران لاڙ ڊويزن جي سياسي، تنظيمي ۽ عوامي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته تنظيم کي وڌيڪ فعال ۽ مضبوط بڻائڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. 14 فيبروري تي ملهايل ويندڙ “يومِ مادرِ وطن” جي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙي ذميواريون سونپيون ويون. اجلاس ۾ سوشل ميڊيا جي ڪردار تي خاص زور ڏنو ويو ۽ ان کي جديد سياسي جدوجهد جو اهم اوزار قرار ڏيندي، ان کي وڌيڪ منظم ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ خلاف سازشون انگريزن جي دور کان جاري آهن. هن چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ باوجود، هتي جو پورهيت طبقو بنيادي ضرورتن کان به محروم آهي. سنڌين کان سندن ڌرتي کسڻ لاءِ مختلف سازشون ٿي رهيون آهن، جن کان سجاڳ ٿيڻ انتهائي ضروري آهي.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاقي پارٽين وٽ نه سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڪو واضح پروگرام آهي ۽ نه ئي پورهيت طبقي جي بهتري لاءِ سنجيده حڪمت عملي. هن چيو ته جاگيردارن کي طاقت ڏئي سنڌ جي عوام جو استحصال ڪيو ويو آهي، جيڪو هاڻي وڌيڪ برداشت جوڳو ناهي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم نسل پرست ذهنيت رکندڙ جماعت آهي، جيڪا ڪڏهن به سنڌ جي مفادن جي محافظ نه رهي آهي. تاريخ مان سبق سکڻ بنا صحيح سياسي رستو اختيار نٿو ڪري سگهجي.پارٽي چيئرمين وڌيڪ چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي واحد حقيقي سنڌي قومپرست جماعت آهي، جيڪا پورهيت طبقي جي نمائندگي ڪري ٿي. هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو ڳوٺ ڳوٺ وڃي عوام کي سجاڳ ڪن ۽ سنڌ جي قومي جدوجهد کي اڳتي وڌائين.اجلاس ۾ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي، قادر چنا، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، امتياز سمون، حيدر ملاح، گوتم چنا، خدابخش درس، شاهنواز سيال، اقبال حاجاڻو، جلال شاهه، محمد اشرف ٿهيم سميت لاڙ ڊويزن جي ضلع اڳواڻن ۽ سوشل ميڊيا ٽيم جي نمائندن شرڪت ڪئي.










