اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايراني صدر مسعود پيشڪشيان سڀاڻي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني صدر مسعود پيشڪشيان وزيراعظم جي دعوت تي 2-3 آگسٽ تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو.ايراني صدر سان گڏ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ هڪ اعليٰ سطحي وفد به هوندو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ايراني صدر پنهنجي رهائش دوران صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو، ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر جي وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، هي ڊاڪٽر مسعود پيشڪشيان جو ايراني صدر جي حيثيت سان پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو هوندو.وزيراعظم شهباز شريف 27 مئي 2025 تي ايران جو دورو ڪيو هو. ايراني صدر جو دورو پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.










