لسبيلا(ويب ڊيسڪ) اوٿل ۾ هڪ ڪوچ ۽ 2 گاڏين جي ٽڪر ۾ 9 ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب، اهو واقعو بلوچستان جي لسبيلا ضلعي جي اوٿل علائقي ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڪوچ ۽ 2 گاڏيون ٽڪرائجي ويون.ريسڪيو اختيارين موجب، ٽڪر جي نتيجي ۾ 9 ماڻهو فوت ۽ 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا.اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪار موقعي تي پهچي ويا ۽ زخمين ۽ لاشن کي سول اسپتال اوٿل ۽ بيلا منتقل ڪيو.










