اوٻاڙو ۾ ڪوچ تي حملي، اغوا ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل

اوٻاڙو ۾ ڪوچ تي حملي، اغوا ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس داخل

اوٻاڙو: (ن س) مسافر ڪوچ تي حملي، اغوا ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس کنڀڙا پوليس اسٽيشن تي داخل ڪيو ويو آهي.پوليس ترجمان موجب، حڪومت جي شڪايت تي واقعي جو ڪيس 22 نامزد ۽ 4 نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ اغوا، ڦر، پوليس مقابلو ۽ دهشتگردي جون دفعات شامل آهن، آفيسرن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ لولائي، انڊهڙ، چانڊيا، سکاڻي، ميراڻي ۽ باقراڻي گينگ شامل آهن.پوليس اختيارين موجب، ٽي ڏينهن اڳ، ڌاڙيلن صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر ڪوچ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ ڏهه کان وڌيڪ مسافر اغوا ڪيا ويا. حملي ۾ ٻه ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ مسافر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن ٽئين ڏينهن به جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو