اوٻاوڙو (رپورٽر غلام علي رند ) اوٻاوڙو لڳ بائي پاس قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو ٽرڪ جو موٽر سائيڪل سوار کي زور دار ٽڪر نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار وحيد رند موقعي تي فوت ٿي ويو جيڪو مير خان رند جو رهواسي آهي ٻيو ساٿي عطا محمد رند ولد فدا رند زخمي ٿي پيو زخمي ۽ فوتي جو لاش کي پوليس پهچي اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيو اهڙو اطلاع وارثن کي ڏنو ويو وارث به اسپتال پهچي ويا جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور ۽ ٽرڪ کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام متل آخري اطلائن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو۔ فوتي نوجوان جو مڙھ سوين آلين اکين سان درگاھ پير احمد شير ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو










