ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اميرِ جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ ميهڙ ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي قتل جي شديد مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ان واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي، سنڌ ۾ لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ ۽ پوليس اهلڪارن جي قتل مان اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته صوبي ۾جهنگ جو قانون نافذ آهي، تازو واقعو امن امان جي دعويدار گهرو وزير ۽ سنڌ حڪومت جي منهن تي زوردار چماٽ آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور ۾ ايس ايڇ او خميسو بروهي جو قتل ٿيو جنهن جا قاتل اڄ به قانون جي پڪڙ کان آجا آهن جڏهن ته تازي واقعي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت لاقانونيت جي انتھا ۽ سنڌ تي مڙھيل پ پ جي سترھن سالن جي ڪاري دور جو نتيجو آھي. جڏهن سنڌ ۾ پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار به ڏوهاري راڄ کان محفوظ ناهن ته عام ماڻهن جو ڇا حال هوندو۔ سنڌ ۾ ڪچي ۽ پڪي جا ڌاڙيل آزاد گهمي رهيا آهن، جڏهن ته شريف ۽ امن پسند ماڻهو پوليس گردي جو شڪار بڻيل آهن۔ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ امن امان جي بحالي، عوام جي جان، مال ۽ عزت آبرو جي تحفظ لاءِ ڪو به قدم کنيو نٿو وڃي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت خوف ۽ هراس جو شڪار آهي۔ سنڌ حڪومت پاران امن امان جون سموريون دعوائون ڌوڙ ٿي چڪيون آهن، هاڻي عام ماڻهن کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار به ڏوهاري راڄ کان محفوظ ناهن۔ ڪاشف سعيد شيخ ميهڙ واقعي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي قاتلن جي في الفور گرفتاري، جوابدارن کي قرار واقعي سزا ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت توڙي ڏوهاري ٽولن جي سهولتڪاري ڪندڙن خلاف فوجي آپريشن جو مطالبو پڻ ڪيو آهي جڏهن ته هن شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيوآهي۔#










