انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن جو سروسز اسپتال جو دورو

انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن جو سروسز اسپتال جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) معلومات تائين رسائي ۽ شفافيت جي قانون 2016 تحت سنڌ انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن محمد سليم خان ۽ نور محمد دايو بهتر نظم و ضبط ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ سروسز اسپتال جو دورو ڪيو. ميمبرن اسپتال جي بجيٽ، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي تفصيلن، رڪارڊ روم، دوائن جي اسٽور ۽ ٻين معاملن جو جائزو ورتو ۽ اسپتال جي مختلف وارڊن ۽ سيڪشنز سميت ميڊيڪل ري امبرسمينٽ (Medical Reimbursement) سيڪشن جو پڻ دورو ڪيو. هنن اسپتال جي فزيوٿراپي ۽ ڊينٽل او پي ڊي ۾ موجود مريضن کان کين فراهم ڪيل علاج جي سهولتن بابت پڻ پڇا ڳاڇا ڪئي. انفارميشن ڪميشن جي ميمبرن اسپتال جي ويب سائيٽ جي فعال نه هجڻ ۽ ايڪٽ تحت معلومات جي فراهمي لاءِ آفيسر مقرر نه ڪرڻ تي ناپسندگيءَ جو اظهار ڪيو. هنن ويب سائيٽ کي فوري طور تي فعال ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايڪٽ تحت گهربل سموري معلومات اپ لوڊ ڪرڻ جا پڻ حڪم ڏنا. ان موقعي تي انفارميشن ڪمشنر محمد سليم خان چيو ته معلومات تائين رسائي هر پاڪستاني شهريءَ جو بنيادي حق آهي، جيڪو کيس پاڪستان جي آئين جي سيڪشن 19-اي تحت ڏنو ويو آهي، تنهنڪري سمورا سرڪاري ادارا عوامي مفاد جي معلومات فراهم ڪرڻ ۽ سرڪاري معاملن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جا پابند آهن. هن وڌيڪ چيو ته هن ايڪٽ تحت سمورا سرڪاري کاتا عوام کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ گريڊ 16 يا ان کان مٿي گريڊ جو آفيسر مقرر ڪن. انفارميشن ڪمشنر نور محمد دايو چيو ته معلومات فراهم نه ڪرڻ، غلط بياني ڪرڻ ۽ ان کي ڄاڻي واڻي لڪائڻ سزا جوڳو ڏوهه آهي. هن سرڪاري کاتن تي زور ڀريو ته هو مقرر ڪيل آفيسر جي تبديليءَ جي صورت ۾ فوري طور تي ڪميشن کي آگاهه ڪن ته جيئن ان حوالي سان رڪارڊ کي درست رکي سگهجي. ڪمشنرن واضح ڪيو ته مٿئين ايڪٽ جي ڀڃڪڙي، معلومات جي عدم فراهمي يا غلط استعمال، بهتر نظم و ضبط نه هجڻ ۽ شفافيت جي کوٽ تي ڪميشن کي سزا ڏيڻ جو اختيار آهي. هنن رڪارڊ کي مناسب طريقي سان رکڻ ۽ ڊاڪٽرن توڙي اسٽاف جي موجودگي تي اسپتال انتظاميا کي ساراهيو. اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ يقين ڏياريو ته ڪميشن جي حڪمن تي مڪمل عمل ڪيو ويندو. هن اسپتال جي ويب سائيٽ کي هڪ مهيني اندر مڪمل طور تي فعال ڪرڻ ۽ معلومات جي فراهمي لاءِ آفيسر مقرر ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو