ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ پهريون ڀيرو سمورن امتحاني بورڊن لاءِ گڏيل ۽ هڪجهڙو امتحاني معيار لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت هاڻي انگريزي، رياضي، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ حياتيات جا امتحان هڪ ئي فريم ورڪ موجب ورتا ويندا. صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه اھڙي فيصلي کي تعليمي نظام ۾ تاريخي سڌارو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان امتحانن ۾ شفافيت وڌندي ۽ شاگردن جي صلاحيتن کي منصفاڻي انداز ۾ پرکي سگھبو. تفصيل موجب، اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان صوبائي وزير جي هدايت تي يونيفارم امتحاني نصاب (Uniform Examination Syllabus – UES) جي باضابطه منظوري کان پوءِ ان جي نفاذ لاءِ اين او سي پڻ جاري ڪئي وئي آهي. شروعاتي مرحلي ۾ نائين ۽ ڏھين ڪلاسن لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ، سنڌ (DCAR) جي جائزي ۽ سفارشَن کان پوءِ يونيفارم امتحاني نصاب لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ھاڻي ٽيبل آف اسپيسيفڪيشن (Table of Specifications – ToS) تحت امتحاني پرچا تيار ڪيا ويندا TOS امتحاني خاڪو/ رهنمائي وارو جدول هوندو آهي، جنهن جي بنياد تي سوالنامو تيار ڪيو ويندو آھي يعني امتحان ۾ ڪهڙي موضوع مان، ڪهڙي سطح تي ۽ ڪيتري تعداد ۾ سوا ايندا. صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته هاڻي امتحان نصابي ڪتابن بدران منظور ٿيل UES جي بنياد تي ورتا ويندا، جنهن تحت صوبي جا سمورا تعليمي بورڊ هڪجهڙي امتحاني معيار ۽ فريم ورڪ موجب سوالناما تيار ڪندا. هن فيصلي سان بورڊن وچ ۾ فرق ختم ٿي ويندو ۽ ڪنهن به بورڊ کي ڏکيو يا آسان سمجهڻ وارو تاثر به ختم ٿي ويندو. سردار علي شاهه جو چوڻ هو ته نئون امتحاني نظام رٽي ھڻڻ واري سسٽم بدران سمجهه، استعمال (اطلاق) ۽ تنقيدي سوچ تي ٻڌل هوندو، جنهن سان شاگردن جي حقيقي سکيا جي صلاحيتن جو صحيح جائزو وٺي سگھبو. هن چيو ته جديد اسيسمينٽ نظام جي لاڳو ٿيڻ سان نه رڳو امتحاني معيار بهتر ٿيندو پر شفافيت ۽ هڪجهڙائپ کي به هٿي ملندي. صوبائي وزير موجب، امتحاني سڌارن سان گڏوگڏ اسٽوڊنٽ لرننگ آئوٽ ڪمز تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته استادن جي پيشاورانه تربيت واري نظام کي به وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي ته جيئن سڌارن جا عملي نتيجا سامهون اچي سگهن. هن چيو ته اهي سڌارا مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ تعليمي نظام جي بنياد بڻجندا ۽ نئين پاليسي تحت شاگردن ۽ شاگردياڻين جي صلاحيتن جو درست ۽ منصفاڻو اندازو لڳائڻ ممڪن ٿيندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي قدم صوبي ۾ مضبوط، شفاف ۽ قابلِ اعتماد امتحاني نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب وک ثابت ٿيندو. اسڪول ايجوڪيشن کاتي موجب هن وقت يونيفارم امتحاني نصاب جو جو فيصلو صرف نائين ۽ ڏھين ڪلاس تائين محدود رکيو ويو آهي، جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين جي ڪلاسن جي امتحاني نصاب ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم، اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ، سنڌ (DCAR) جي جائزي ۽ سفارشن جي روشني ۾ ايندڙ مرحلي ۾ شامل ڪيو ويندو.










