اليڪشن ڪميشن شفاف طريقي سان تڪبنديون ڪري: چيف جسٽس

اليڪشن ڪميشن شفاف طريقي سان تڪبنديون ڪري: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ تڪ بندين جو معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن واپس موڪلي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سنڌ ۾ صوبائي تڪ بندين خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته تڪ بنديون عوامي مفاد جو معاملو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ بار جي تڪ بندين جا ڪيترائي ڪيس هليا آهن.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف طريقي سان تڪبندين ڪري.ڊاٽ ٿيل دائري تي اثر انداز ٿيڻ سان اميدوار جي ووٽن تي به ٿورو اثر پوي ٿو. سنڌ ۾ حلقي جي حساسيت تمام گهڻي آهي.سنڌ مان اڪثر چيو ويندو آهي ته تڪ بنديون درست نه ڪيون ويون آهن.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪڏهن ڪرائيندي؟ ان تي ڊي جي قانون اليڪشن ڪميشن پنهنجا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا.چيف جسٽس چيو ته اڃا تائين چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ناهي ٿيو، اليڪشن ڪميشن چونڊن کان اڳ سمورا مسئلا حل ڪري.بعد ۾ سپريم ڪورٽ تڪبندين جو معاملو ٻيهر اليڪشن ڪميشن حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو