اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل

اسلام باد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪندي ان تي فوري ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي.پي ٽي آءِ پاران ليول پلئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ واري فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ چئني چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز، گهرو سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 22 ڊسمبر جي حڪم باوجود سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي شڪايتن جو ازالو ناهي ڪيو.درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي واضح حڪمن باوجود پي ٽي آءِ اميدوارن کي حراسان ۽ گرفتار ڪيو ويو.درخواست ۾ پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته پنجاب جي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اميدوارن جي علاج بابت اليڪشن ڪميشن کي خط ذريعي آگاهه ڪيو.درخواست ۾ چيو ويو ته آءِ جي پنجاب پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائين جو ماسٽر مائينڊ آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.درخواست ۾ اها به استدعا ڪئي وئي ته عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.درخواست ۾ پي ٽي آءِ پنهنجي اميدوارن کي جلسن ۽ جلوسن جي اجازت ڏيڻ جي به استدعا ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو