اعجاز چوڌري ۽ محمودالرشيد جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي

اعجاز چوڌري ۽ محمودالرشيد جوڊيشل ريمانڊ تي جيل حوالي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعجاز چوڌري ۽ محمودالرشيد کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ايڊمن جج عبهر گل ماڊل ٽائون ۾ سياسي پارٽي جي آفيس کي ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ پوليس ٻن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر محمودالرشيد ۽ اعجاز چوڌري جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.عدالت پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو ۽ جوابدارن کي 8 آڪٽوبر تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو