اعجاز انور ۽ علي اصغر سيال جي 21 گريڊ ۾ ترقي،نوٽيفڪيشن جاري

اعجاز انور ۽ علي اصغر سيال جي 21 گريڊ ۾ ترقي،نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهان ۽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر بلوچستان علي اصغر سيال کي گريڊ 20 مان گريڊ 21 ۾ ترقي ڏيڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. اعجاز انور چوهان جو شمار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سينيئر ۽ قابل آفيسرن ۾ ٿئي ٿو. هو پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هن صوبو پنجاب ۾ عام چونڊون 2024 ۽ صدارتي چونڊون 2024 جڏهن ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون فيز ون 2022 ۽ فيز ٽو 2023 ڪرايون. ان کان علاوه اعجاز انور چوهان پنجاب ۾ سينيٽ جي جنرل چونڊون 2024 ۽ سنڌ ۾ سينيٽ جي جنرل چونڊون 2021 سميت ڪيترين خالي ٿيل سيٽن تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ريٽرننگ آفيسر طور ذميواريون نڀايون. هو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ ايڊيشـنل ڊائريڪٽر جنرل (ايڊمن) طور به خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي ۽ سنڌ ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر حيدرآباد سميت ڪيترن اهم عهدن تي فائز رهيو آهي. اعجاز انور چوهان چونڊن ۽ انتظامي معاملن جو ماهر سمجھيو وڃي ٿو. ٻئي پاسي صوبائي اليڪشن ڪمشنر بلوچستان علي اصغر سيال کي به گريڊ 20 مان گريڊ 21 ۾ ترقي ڏني وئي آهي. هو ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ ايڊيشـنل ڊائريڪٽر جنرل (اليڪٽورل رولز) طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. علي اصغر سيال سنڌ ۾ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر (ايڊمن) ۽ (اليڪشنز) طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ريجنل اليڪشن ڪمشنر ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ڪيترن اهم عهدن تي فائز رهيو آهي. علي اصغر سيال جو به شمار اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سينيئر ۽ قابل آفيسرن ۾ ٿئي ٿو ۽ هو چونڊن توڙي انتظامي معاملن جو وسيع تجربو رکي ٿو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو